پرامن مقصدن لاءِ جوهري طاقت ماڻڻ ايران جو حق آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايران کي پرامن مقصدن لاءِ جوهري طاقت حاصل ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آهي.

ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مسعود پزشڪيان پهريون ڀيرو صدر طور پاڪستان جي دوري تي آيو آهي سندس سان ڀائراڻي لاڳاپن، مذهبي، جغرافيائي ۽ ٻيا اهم معاملا تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

شهباز شريف چيو ته جون مهيني ۾ اسرائيل بنا ڪنهن سبب ايران تي جارحيت ڪئي، جنهن جي پاڪستان ۽ هتي جي عوام سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.

هن چيو ته اڄ ايران سان ڪيترن ئي مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيون ٿيون آهن، خواهش آهي ته اهي جلد معاهدا بڻجن، ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ 10 ارب ڊالر واپار جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم چيو ته ايران کي پرامن مقصدن لاءِ جوهري توانائي حاصل ڪرڻ جو حق آهي، پاڪستان ان حق بابت ايران جي موقف سان گڏ بيٺل آهي، سٺي وقت ۾ ته سڀ دوست ٿين ٿا، پر اصل دوست اهو آهي جيڪو ڏکئي وقت ۾ هٿ ونڊي.

وزيراعظم چيو ته غزا ۾ جاري ظلم خلاف مهذب دنيا کي ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي، غزا ۾ اڃا تائين اسرائيلي بربريت جاري آهي، جتي معصوم ٻارن، عورتن ۽ نوجوانن کي بي رحميءَ سان قتل ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته دنيا کي غزا ۾ امن لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته والاريل ڪشمير جي صورتحال به غزا کان گهٽ ناهي. ايران جي قيادت سدائين مظلوم فلسطيني عوام لاءِ آواز اٿاريو ۽ پاڪستان به هر عالمي فورم تي فلسطيني عوام جو ساٿ ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.