ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) ۾ گردن جي ماهر ڊاڪٽر، مھر افروز، انساني خدمت جو شاندار مثال قائم ڪندي پنهنجي فوت ٿيل پٽ جا ٻئي گردا ٻن مريضن کي عطيو ڪري ڇڏيا، جن جي ذريعي ٻن مريضن کي نئين زندگي ملي وئي.
SIUT ۾ هڪ نوجوان ڊونر جا گردا ڪاميابيءَ سان ٻن مريضن ۾ لڳايا ويا، جيڪي ڊگهي عرصي کان ڊائلاسز تي هئا ۽ ڊونر جي کوٽ سبب انتظار ڪندڙ مريضن واري فهرست ۾ شامل هئا.
ڊاڪٽر مھر افروز جو 23 ورهين جو پٽ سلطان ظفر، جيڪو ڊينٽل سرجري جو شاگرد هو، هڪ خطرناڪ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو. هو هفتي تائين آءِ سي يو ۾ علاج هيٺ رهيو ۽ جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن کيس دماغي طور مئل (برين ڊيٿ) قرار ڏنو.
ان انتهائي ڏک واري لمحي ۾ به ڊاڪٽر مھر افروز، جيڪا SIUT ۾ ڪنسلٽنٽ نيفرولوجسٽ آهي، حوصلي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي پٽ جا ٻئي گردا عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انهن عطيه ڪيل گردن جي ذريعي ٻن مريضن کي نئين زندگي ملي وئي.
ڊاڪٽر مھر افروز جي هن انسان دوست قدم کي ميڊيڪل برادري سميت عام ماڻهن پاران وڏي واکاڻ ملي رهي آهي.
SIUT جي ڊائريڪٽر، پروفيسر عادل رضوي، ڊاڪٽر مھر جي فيصلي کي عظيم انساني خدمت قرار ڏيندي چيو ته هن ٻه زندگيون بچائي معاشري لاءِ هڪ وڏو مثال قائم ڪيو آهي.
هن عوام کان اپيل ڪئي ته هو به عضوا عطيو ڪرڻ جهڙي نيڪ ڪم ۾ اڳتي اچن ته جيئن وڌيڪ زندگيون بچائي سگهجن.