فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ٻن ڪيسن ۾ فيصلو ٻڌائيندي عمر ايوب، شبلي فراز سميت 167 جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت طرفان ٻنهي ڪيسن ۾ 166 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
عدالت حساس اداري تي حملي واري ڪيس ۾ 185 مان 108 جوابدارن کي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ٻين کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.
غلام محمد آباد ٿاڻي ۾ داخل 9 مئي جي ڪيس ۾ 66 مان 8 جوابدارن کي بري ڪري، باقي 58 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
عدالت عمر ايوب، شبلي فراز، زرتاج گل ۽ حامد رضا کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته جنيد افضل ساهي کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جيڪا هن ڪيس ۾ سڀني کان گهٽ سزا آهي.
عدالت سيال ڪاسترو، فواد چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي کي بري ڪري ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن اڳ به دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ جي احمد چٺا، احمد خان ڀچر، ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ميان محمود الرشيد سميت ٻين کي 9 مئي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏيندي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.