گهر وٺي شهريت ماڻيو! ٻاهرين ملڪ جي خواهشمندن لاءِ پنج رياستن جي وڏي آڇ! ڏيڍ سئو ملڪن جون ويزائون به مفت

اوڀر ڪيريبين جا خوبصورت جزيرا هاڻي رڳو خوبصورتي ۽ سڪون لاءِ نه، پر عالمي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ به ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي رهيا آهن. اينٽيگوا ۽ باربوڊا، ڊومينيڪا، گريناڊا، سينٽ ڪٽس ۽ نيوس، ۽ سينٽ لوشيا ۾ جيڪڏهن ڪو فرد گهٽ ۾ گهٽ 2 لک ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري، خاص طور تي گهر خريد ڪري، ته کيس انهن ملڪن جي شهريت ملي سگهي ٿي. ان شهريت سان گڏ پاسپورٽ به ملي ٿو، جنهن سان برطانيا ۽ يورپي يونين سميت 150 ملڪن ۾ بنا ويزا سفر جي سهولت حاصل ٿئي ٿي.

اهو رجحاڻ خاص طور تي آمريڪا ۽ چين سميت ڪجهه ٻين ملڪن ۾ وڌندڙ سياسي غير يقيني، نسلي نفرت ۽ سماجي انتشار سبب وڌي رهيو آهي. اينٽيگوا جي رئيل اسٽيٽ ايجنٽ ناديا ڊائسن جو چوڻ آهي ته هاڻي لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو خريدار شهريت لاءِ گهر خريد ڪري رهيا آهن ۽ انهن مان گهڻائي آمريڪا جا شهري آهن. ڪي ته اينٽيگوا ۾ مستقل طور منتقل به ٿي چڪا آهن. ان عمل سان سندن مقصد رڳو سڪون جي ڳولا نه پر هڪ “بئڪ اپ پلان” هجڻ به آهي، جيئن ته ٻي شهريت هڪ انشورنس جيان ڪم اچي سگهي ٿي.

ان کان سواءِ، گهر خريد ڪرڻ کانسواءِ، قومي ترقياتي فنڊ (National Development Fund) ۾ عطيو ڏيڻ سان به شهريت حاصل ڪري سگهجي ٿي. دنيا جي مختلف ملڪن، جيئن يوڪرين، ترڪي، نائجيريا ۽ چين جا ماڻهو به هاڻ انهن ملڪن ۾ شهريت حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. ڊومينڪا ۽ سينٽ لوشيا جي وزيراعظمن پنهنجي پاسپورٽ اسڪيمز کي محفوظ ۽ قانوني قرار ڏنو آهي، جڏهن ته خطي جي پنجن ئي ملڪن گڏجي هڪ نئون ريگيوليٽري ادارو به قائم ڪيو آهي ته جيئن پاسپورٽ اسڪيم جي نگراني موثر نموني ڪري سگهجي.

گڏيل طور، ڪيريبين ملڪ هاڻي رڳو سياحت لاءِ نه، پر عالمي شهريت، آزاديءَ سان سفر ڪرڻ، ٽئڪس ۾ رعايت ۽ زندگي کي نئين رخ ڏيڻ جي اميد لاءِ ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.