ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ سي ويو ڀرسان چائنا پورٽ تان نوجوان ۽ ناري جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن.
واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو رضاڪار واقعي واري هنڌ پهتا، جن لاشن کي ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب لاشن جي سڃاڻپ ساجد مسيح ۽ ثنا جي نالن سان ٿي، ٻنهي جو واسطو پنجاب جي علائقي گوجرانوالا جي هڪ ڳوٺ سان هو.
پوليس ٻڌايو ته گوجرانوالا ۾ ڇوڪريءَ جي اغوا جو ڪيس داخل آهي ۽ امڪاني طور تي ٻنهي جي قتل ۾ ڪو ويجهو عزيز ملوث آهي.
پوليس موجب گوجرانوالا ۾ ناري جي خاندان سان رابطو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اتان جي پوليس ڇوڪريءَ جي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان ئي ڀيڻ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو۽ ساجد سميت ٻين ماڻهن کي نامزد ڪيو هو.
You might also like