غزا ۾ هر پاسي بُک آهي: ٽرمپ به انساني الميو تسليم ڪري ورتو

ايڊن برگ (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا کانپوءِ نيٺ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به غزا ۾ جاري انساني الميي کي تسليم ڪري ورتو.
اسڪاٽ لينڊ ۾ برطانوي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪو شڪ ناهي غزا جا شهري فاقاڪشي جي مرحلي ۾ آهن، هر پاسي بک آهي، ڏڪار جي صورتحال کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، غزا ۾ خوراڪ پهچائي زندگين کي بچائي سگهجي ٿو.
هن چيو ته غزا ۾ امدادي سامان جي پهچ ۽ ورهاست جي ذميواري اسرائيل تي لاڳو ٿئي ٿي، غزا جا شهري غذائي امداد تائين نه پيا پهچي سگهن، اميد ته غزا ۾ ضرورتمندن تائين کاڌو پهچندو.
سندس چوڻ هو ته جنگبندي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهيان، گهڻا پلان آهن، نيتن ياهو تي غزا پٽي ۾ جنگي حڪمت عملي جي تبديلي تي زور ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.