ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي 70هين سالگرهه جي موقعي تي جتي جيالن سڄي ملڪ ۾ تقريبون ڪوٺايون، اتي ئي مختلف اخبارن ۾ جنم ڏينهن جا اشتهار به ڏنا ويا، جنهن تي واهپيدارن ڀرپور تنقيد ڪئي.
صدف حسين نالي واهپيدار تنقيد ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ سِڪي رهيو آهي ۽ زرداري جي سالگرهه تي ڪروڙن جا اشتهار وڏين وڏين اخبارن ۾ ڇپجي رهيا آهن، هڪ زرداري سڀني تي ڀاري.
شهزاد نالي واهپيدار لکيو ته انهن اشتهارن جا پيسا پ پ ادا ڪيا يا عوام جي کيسي مان اها عياشي ڪئي وئي؟
هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته پ پ جو آصف زرداري جي سالگرهه ملهائڻ حق آهي پر سرڪاري وسيلن مان سمورين اخبارن کي سالگرهه جا اشتهار جاري ڪرڻ مجرماڻو فعل آهي ۽ ان جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.
آصف زرداري جي سالگرهه تي ڪروڙن جا اشتهار، پيسا پ پ ڀريا يا عوام جي کيسي مان اها عياشي ڪئي وئي؟ واهپيدار
You might also like