حڪومت جو پي ٽي آءِ جي احتجاج تي ردعمل ان جي رويي سان مشروط هوندو: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف 15 آگسٽ جي احتجاج ۾ سياسي رويو اختيار ڪري ٿي ۽ پرامن مظاهرو ڪري ٿي ته حڪومت احتجاج جي اجازت ڏيندي پر جيڪڏهن ماضي جيان ڪجهه ڪيو ويو ته قانون موجب سخت ڪارروائي ڪنداسين.
هڪ انٽرويو ۾ خواجا آصف چيو ته تحريڪ انصاف اڳ ۾ به اسلام آباد آئي آهي، اهي هٿيارن، ڪرينن ۽ سرڪاري گاڏين سان گڏ آيا، جيڪڏهن هن ڀيري به اهڙو رويو اختيار ڪيو ويو ته رياست اهڙو ئي ردعمل ڏيندي، جيڪو اڳ ۾ ڏنو هو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جيڪڏهن سياسي جماعت جو رويو اختيار ڪري ٿي ۽ احتجاج کي هڪ سياسي اجتماع جي صورت ڏئي ٿي ته ان کي نه روڪيو ويندو، تحريڪ انصاف کي هاڻ سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته ان کي ڪهڙو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اهي پرامن رهيا ته کين نه روڪيو ويندو، نه ته قانون حرڪت ۾ ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.