ڀارت ۾ 8 سال کان ماڻهن کي ٺڳيندڙ جعلي قونصل جنرل گرفتار

غازي آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اترپرديش اسپيشل ٽاسڪ فورس (ايس ٽي ايف) هڪ وڏي آپريشن ۾ هرش ورڌن نالي جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪو پاڻ کي ”گرينڊ ڊچي آف ويسٽ آرٽيڪا“ جو قونصل جنرل ظاهر ڪري رهيو هو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هرش ورڌن جعلي سفارتخانو قائم ڪري شهر ۾ هڪ وڏي عمارت تي ويسٽ آرٽيڪا جو جهنڊو لڳائي 8 سالن کان ماڻهن کي ٺڳيندو رهيو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ايس ٽي ايف جي آپريشن دوران جعلي سفارتخاني مان 4 سفارتي نمبر پليٽن واريون لگزري گاڏيون، 12 جعلي سفارتي پاسپورٽ ۽ ٻين جعلي سفارتي شين جو وڏو مواد هٿ آيو آهي.
جاچ ادارن موجب، جوابدار ماڻهن کان وڏي پيماني تي رقم هڙپيندو رهيو، جڏهن ته سندس نيٽ ورڪ جي جاچ لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.