سنڌ جي ستن شهرن ۾ جديد ڊرينيج جو منصوبو، واپڊا منظوري ڏئي ڇڏي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) واپڊا سنڌ جي ست شهرن ۾ جديد نيڪال جو نظام هلندڙ مالي سال ۾ مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
جنرل مئنيجر واپڊا ڏکڻ حيدرآباد، آبپاشي کاتي کان منصوبو جو پي سي ون گهري ورتو آهي ته جيئن ڪم جلد شروع ڪري سگهجي.
منصوبي تحت اوٻاڙو، ڏهرڪي، خانڳڙهه، ميرپور ماٿيلو، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ نيڪال جا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا. اوٻاڙو کان ماٿيلو تائين لاءِ 156 ارب رپيا ۽ باقي ٽن شهرن لاءِ 67 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

آبپاشي کاتي ابتدائي راءِ ڏئي ڇڏي آهي، وڌيڪ ٽيڪنيڪي جائزو ۽ پي سي ون جي فراھمي کانپوءِ دستاويز وفاقي آبي وسيلن واري وزارت ڏانهن موڪليا ويندا ته جيئن باظابطا منظوري ملي سگهي. واپڊا فوري شروعات لاءِ مڪمل تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.