پاڪستان، بنگلاديشي پوليس کي تربيت ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بنگلاديشي هم منصب جهانگير عالم چوڌري وچ ۾ ملاقات دوران ٻطرفي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
پاڪستان بنگلاديش کي پوليس ٽريننگ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي بنگلاديشي گهرو وزير شڪريو ادا ڪيو. ٻنهي ملڪن سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽن تي ويزا فري داخلا تي اصولي اتفاق ڪيو، جڏهن ته دهشتگردي، منشيات ۽ انساني سمگلنگ جي شعبي ۾ به سهڪار وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

پاڪ-بنگلاديش لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، جنهن جي سربراهي پاڪستان جي طرفان گهرو سيڪريٽري خرم آغا ڪندو، بنگلاديشي وفد جلد اسلام آباد ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ ۽ پوليس اڪيڊمي جو دورو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.