ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ م سون جي اگهه ۾ اڄ هڪ ڀيرو وري سوين رُپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو 3700 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 3 لک 64 هزار 900 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 171 رپيا واڌ سان 3 لک 12 هزار 842 رپين ۾وڪرو ٿي رهيوآهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 37 ڊالرز وڌي 3 هزار 424 ڊالرز تائين پهچي وئي.