حيدرآباد: مڙس هٿان زال قتل، عورت جي مائٽن جوابدار کي به ماري ڇڏيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ مڙس گهرو اڻبڻت تان ڪوڏر جا وار ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ مقتولا جي مائٽن ان کي به قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب افسوسناڪ واقعو ڳوٺ خدا ڏنو پنهور ۾ پيش آيو، جتي مبينا طور گهريلو جهيڙي دوران مڙس گوڏر جا وار ڪري زال کي قتل ڪيو.
پوليس ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ عورت جي مائٽن جوابدار کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.