ايم ڪيو ايم باني سخت بيمار، اسپتال داخل

لنڊن (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) باني الطاف حسين سخت بيمار ۽ لنڊن جي اسپتال ۾ داخل آهن، جتي سندس مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا.
لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ عزيز آبادي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو ته ” ايم ڪيو ايم باني ۽ قائد الطاف حسين کي سخت بيماري سبب اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي سندس مختلف ٽيسٽ ڪرايا ويا آهن.
پنهنجي پوسٽ ۾ مصطفيٰ عزيز آبادي عوام کان الطاف حسين جي صحتيابي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي آهي.
ان کان اڳ وڊيو پيغام ۾ مصطفيٰ عزيز آبادي وڌيڪ ٻڌايو هو ته الطاف حسين جي طبيعت گذريل رات اوچتو بگڙي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن جي معائني ۽ صلاح تي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته الطاف حسين هن وقت علاج هيٺ آهي ۽ ڪا به ڳڻتي جوڳي صورتحال ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.