تهران (ويب ڊيسڪ) ايران سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته تازي جنگ جو ذميوار اسرائيل ۽ آمريڪا کي قرار ڏنو وڃي ۽ جيڪڏهن آمريڪا ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي وڌيڪ ڪنهن حملي کي رد ڪرڻو پوندو.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر ڪيرولين روڊريگس برڪيٽ کي لکيل هڪ خط ۾ اها درخواست ڪئي آهي.
عراقچي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ ان جي اهم اتحادي آمريڪا کي جارحيت جي شروعات ڪندڙ طور تسليم ڪيو وڃي ۽ هرجاڻي ۽ معاوضي جي ادائيگي سميت انهن جي ذميواري به مقرر ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته جارحاڻي ڪارروائين کي برداشت ڪرڻ گڏيل قومن جي نظام جي ساک کي سنجيدگي سان مجروح ڪري ٿو ۽ اسان جي خطي سان گڏوگڏ عالمي برادري جي عالمي سطح جي لاڳاپن جي مستقبل ۾ لاقانونيت کي جنم ڏئي ٿو.
You might also like