اهڙي شخص سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي، جيڪو سڪون ڏئي: مهوش حيات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مقبول اداڪارا مهوش حيات چيو آهي ته شادي هڪ جُوا آهي، تنهنڪري هوءَ ان فيصلي ۾ تڪڙ ڪرڻ نٿي چاهي.
ماهوش حيات تازو ئي ”فوچيا ميگزين“ کي ڏنل انٽرويو ۾ پنهنجي فني سفر سميت ٻين معاملن تي به کليل نموني ڳالهيون ڪيون.
اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ مستقبل ۾ هدايتڪاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. هوءَ ڊرامن جي سيٽن تي هدايتڪارن جو ڪم ڌيان سان ڏسندي رهي ٿي ۽ ننڍڙي کان ننڍڙي ڳالهه نوٽ ڪندي آهي ته جيئن اهي ڳالهيون کيس اڳتي هلي ڪم اچي سگهن.
مهوش حيات چيو ته الله پاڪ سان سندس هڪ خاص تعلق آهي، هوءَ اڪيلائيءَ ۾ الله پاڪ سان ڳالهيون ڪندي آهي ۽ کيس دلي سڪون ملندو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ مردن کي ته اهو حق آهي ته هو باوقار نموني سان پوڙها ٿين، ڪيترائي مرد وڏي عمر هوندي به نوجوان ڇوڪرين سان اسڪرين تي نظر اچن ٿا ۽ سماج کي ان تي ڪو اعتراض ناهي پر اداڪارائن لاءِ معيار بلڪل مختلف آهن، سماج سندن لاءِ اها اميد رکي ٿو ته ڄڻ وقت انهن لاءِ بيهي وڃي.
سندس چوڻ هو ته اولهه جي ملڪن ۾ اهڙي سوچ ناهي، عمر کي اسان جي سماج ۾ ضرورت کان وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان هڪ اداڪارا جي عمر کي ايترو ڇو اهم سمجهون ٿا، ايتري قدر جو سندس مهارت، محنت ۽ قابليت کي نظرانداز ڪري رڳو عمر تي بحث ڪيو وڃي ٿو.
مهوش حيات چيو ته عمر وڌڻ هڪ قدرتي عمل آهي، جيڪو ڪنهن جي وس ۾ ناهي، هر انسان ڏينهن گذرڻ سان وڏو ٿي رهيو آهي، جيڪي ماڻهو اداڪارائن جي عمر تي تنقيد ڪن ٿا، سي پاڻ به ان عمل مان گذرندا، تنهن ڪري اداڪارائن لاءِ اهڙيون غير منصفاڻيون اميدون رکڻ صحيح ناهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اهو رويو وڌيڪ عام آهي، جڏهن ته بالي ووڊ ۾ اهڙي سوچ گهٽ آهي، اتي ته اداڪارائن کي ساراهيو ويندو آهي ته انهن وڌندڙ عمر جي باوجود پاڻ کي ڪيئن پرڪشش رکيو، پر اسان وٽ صورتحال ان جي ابتڙ آهي.
مهوش حيات چيو ته هوءَ گهڻو نه پر ڪجهه حد تائين رومانوي ضرور آهي، هوءَ حقيقت پسند آهي ۽ اهڙي شخص سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪو هن جي زندگيءَ ۾ سڪون آڻي ۽ جنهن تي کيس مڪمل اعتماد هجي.
هن واضح لفظن ۾ چيو ته شادي هڪ جُوا آهي ۽ هوءَ ان معاملي ۾ ڪڏهن به تڪڙ نه ڪندي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهن لاءِ شادي پهرين ترجيح ٿي سگهي ٿي پر هوءَ اهڙي سمجھداريءَ سان فيصلو ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن تحت اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ٿئي، جيڪو نه رڳو کيس سمجهي پر سندس ساٿ به ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.