واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس اميد ظاهر ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪشمير مسئلي جو حل ڪري سگهي ٿو.
اهو بيان پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾آمريڪا جي دوري دوران ٽرمپ انتظاميا جي آفيسرن سان ٿيل ملاقاتن کانپوءِ سامهون آيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس تصديق ڪئي ته بلاول ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ آيل وفد جي ملاقات آمريڪي سياسي معاملن بابت انڊر سيڪريٽري ايليسن هوڪر سان ٿي، جنهن دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
پريس بريفنگ دوران هڪ صحافي جي سوال تي ته ڇا آمريڪا ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي؟ جي جواب ترجمان چيو ته هوءَ ملاقاتن جي تفصيل بابت تبصرو نه ڪندي پر صدر ٽرمپ خطي ۾ امن لاءِ سنجيده آهي.
ٽيمي بروس چيو ته صدر ٽرمپ هڪ اهڙي شخصيت آهي، جيڪو اهڙن ماڻهن کي به ڳالهين لاءِ ميز تي آڻي چڪو آهي، جن بابت ڪنهن سوچيو به به هو.
هن چيو ته ٽرمپ انتظاميا امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ اها تعجب جهڙي ڳالهه ناهي ته صدر ٽرمپ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ مسئلا حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هر نئين ڏينهن سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ اميد آهي ته صدر ٽرمپ پنهنجي دور ۾ ڪشمير مسئلي جو ڪو حل ضرور پيش ڪندو.