ڪيئي فونن ۾ واٽس ايپ بند ٿي ويو

جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ ڪيئي پراڻن آءِ فونز ۽ اينڊرآءِڊ فونن لاءِ باضابطا طور سپورٽ ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي پهرين جون کان عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي.
رپورٽن موجب، 2014ع کان اڳ وارين ڊوآءِسز تي هاڻي واٽس ايپ استعمال نه ڪري سگهبو، ڇو ته اِهي نون آپريٽنگ سسٽم کي سپورٽ نٿا ڪن.
ڪمپني جي وضاحت موجب، واٽس ايپ هاڻي رڳو اهڙن آءِ فونز تي هلندو، جيڪي آءِ او ايس 15.1 يا ان کانپوءِ وارن آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪري رهيا آهن.
اهڙي ريت اينڊرآءِڊ ڊوآءِسز تي پيغام رسآءِندڙ ايپ اهڙن فونز تي استعمال ڪري سگهجي ٿي جن ۾ اينڊرآءِڊ فآءِو يا ان کانپوءِ وارا آپريٽنگ سسٽمز موجود هوندا.
هونئن اِها پابندي پنج مئي 2025ع کان لاڳو هئي هئي پر ايپل طرفان هڪ اَپ ڊيٽ ڪئي وئي هئي ته جيئن پراڻن فونز جا واهپيدار ان تبديليءَ لاءِ تيار ٿي سگهن.
پهرين جون کان آءِ فون فآءِو ايس، آءِ سڪس، آءِ فون سڪس ايڪس، گليڪسي ايس ٿري، ايڇ ٽي سي ون ايڪس ۽ سوني ايڪسپير يا زي ۾ واٽس ايپ استعمال جي سهولت ختم ٿي ويئي آهي.
ڪجهه رپورٽن ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو ته آءِ فون سڪس ايس، آءِ فون سڪس ايس پلس ۽ آءِ فون ايس اي ( فرسٽ جنريشن ) ۾ پڻ واٽس ايپ جو استعمال ممڪن نه هوندو .
ٻئي پاسي نآءِن ٽو فآءِو جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي، اِهي ماڊل آءِ او ايس 15.08.4 تي ڪم ڪن ٿا، تنهنڪري انهن ۾ هڪ يا ٻن سالن تآءِن وڌيڪ واٽس ايپ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
واٽس ايپ ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان هر سال نظرثاني ڪندا آهيون ته ڪهڙيون ڊوآءِسز ۽ آپريٽنگ سسٽمز پراڻا ٿي ويا آهن، جن ۾ سيڪيورٽي اپڊيٽس نه هونديون آهن يا واٽس ايپ لاءِ ضروري فنڪشن موجود نه هوندا آهن، تنهنڪري انهن لاءِ سپورٽ ختم ڪئي ويندي آهي.
واضح رهي ته واٽس ايپ طرفان يوزر انٽرفيس ۽ پرآءِويسي سيٽنگز کي جديد بڻائڻ لاءِ نوان فيچرز شامل ڪيا ويندا آهن، جيڪي جديد سسٽمن سان ئي هڪجهڙآءِ رکن ٿا.
نئين آءِ فون يا اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ ڪا پريشاني جوڳي ڪا ڳالهه نه آهي، پر اڃا به هڪ سيڪڙو تائين سمارٽ فونز پراڻن آپريٽنگ سسٽمز تي ڪم ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.