کٽاڻ ۽ ڏهي: گردن کي بيمارين کان بچائڻ جو سولي ۾ سولو طريقو!

گردا اسان جي جسم ۾ ڪنهن واٽر فلٽر وانگر ڪم ڪندا آهن.

واٽر فلٽر جيئن پاڻي مان نقصانڪار شيون ڪڍي ڇڏيندو آهي، اهڙي ريت اسان جا گردا به ساڳيو ئي ڪم ڪندا آهن.

گردا رت کي فلٽر ڪندا آهن ۽ ان عمل دوران زهريلا مادا ۽ واڌو شيون جسم مان خارج ڪندا آهن، جڏهن ته پوٽاشيم، سوڊيم ۽ ٻين جزن جي سطح کي توازن ۾ رکندا آهن.

ان سان گڏ، گردا اهڙا هارمونز به پيدا ڪندا آهن جيڪي رت جي دٻاءَ کان وٺي هڏين جي مضبوطي تائين اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، مطلب ته سولي لفظن ۾، گردا تمام اهم هوندا آهن.

هڪ اندازي موجب دنيا ۾ هر 10 مان هڪ ماڻهو گردن جي بيمارين جو شڪار آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جسم ۾ ناڪارا شيون ۽ ٻيا مواد گڏ ٿيڻ لڳندا آهن.

سٺي ڳالهه اها آهي ته کٽاڻ ۽ ڏهي جهڙي خوراڪ جو استعمال معمول بڻائي، گردن جي بيمارين کان بچاءُ ۾ مدد ماڻي سگهجي ٿي.

اهڙي ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

جرنل رينل فيليئر ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معدي جي صحت گردن جي بيمارين کان بچاءُ ۾ اهم ثابت ٿيندي آهي.

تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته خوراڪ ۾ موجود بيڪٽيريا گردن جي دائمي بيمارين جي خطري تي ڪيترو اثرانداز ٿين ٿا.

تحقيق لاءِ آمريڪا جي نيشنل هيلٿ اينڊ نيوٽريشن ايگزي ميشن سروي جو 15 سال کان وڌيڪ عرصي وارو ڊيٽا جانچيو ويو.

اها ڊيٽا گڏيل طور 12 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي هئي، جنهن مان 2731 ماڻهن ۾ گردن جي دائمي بيمارين جي سڃاڻپ ٿي هئي.

تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته صحت لاءِ فائديمند جيئرا جراثيم يا بيڪٽيريا سان ڀرپور خوراڪ جي استعمال يا انهن کان پاسو ڪرڻ سان گردن جي صحت تي ڇا اثر ٿيندو آهي.

تحقيق ۾ شامل ماڻهن کي 4 گروپن ۾ ورهايو ويو: هڪ گروپ جنهن اهڙين خوراڪن کان پري رهندڙ هو، ٻيو معتدل استعمال ڪندڙن جو، ٽيون گهڻو استعمال ڪندڙن جو، جڏهن ته چوٿون گروپ انهن ماڻهن جو هو جيڪي معتدل يا گهڻي مقدار ۾ اهڙيون خوراڪون استعمال ڪندا هئا.

تحقيق ۾ ته نه ٻڌايو ويو ته ڪهڙيون خوراڪون ڏٺيون ويون هيون، پر عام طور تي ڏهي، کٽاڻ يا پنير جهڙيون شيون صحت لاءِ فائديمند بيڪٽيريا سان ڀرپور سمجهيون وڃن ٿيون.

نتيجن مان خبر پئي ته اهڙين خوراڪن جي استعمال سان گردن جي دائمي بيمارين کان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڏي حد تائين گهٽجي ويندو آهي.

محققن ٻڌايو ته پهريون ڀيرو وڏي پيماني تي ٿيل تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته جيئري جراثيمن سان ڀرپور کاڌا گردن جي بيمارين کان بچائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.