اڄڪلهه شگر تيزيءَ سان ڇو ٿي وڌي؟ اهم سبب دريافت!

سڄي دنيا ۾ شگر ٽائپ 2 هڪ وبا جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جتي گهڻو ڪري کنڊ جي وڌيڪ استعمال کي ان جو وڏو سبب قرار ڏنو ويندو آهي. پر هڪ تازي تحقيق ٻڌائي ٿي ته هر قسم جي کنڊ سان شگر ٽائپ 2 جو خطرو هڪجهڙو نه هوندو آهي. امريڪا جي بريگھم يانگ يونيورسٽي جي تحقيق موجب سوڊا، سافٽ ڊرنڪس ۽ فروٽ جوسن ۾ موجود کنڊ جي وڌيڪ استعمال سان ذيابطيس ٽائپ 2 جو خطرو نمايان طور وڌي ٿو، جڏهن ته ٻين قسمن جي شگر سان ائين ناهي ٿيندو.

تحقيق ۾ 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊيٽا گڏ ڪئي وئي، جن جو تعلق مختلف ملڪن سان هو. نتيجن مان ظاهر ٿيو ته مٺن شربتن ۾ موجود کنڊ جگر جي ميٽابولزم تي ناڪاري اثر وجهي ٿي، جنهن ڪري جگر ۾ چرٻي وڌي ٿي ۽ انسولين جي مزاحمت ۾ اضافو ٿئي ٿو، جنهن سان شگر جو خطرو وڌي وڃي ٿو. پر قدرتي مٺاڻ جهڙوڪ ميوو، کير ۽ انهن مان ٺهيل شين جو اهڙو اثر ناهي هوندو.

تحقيق موجب مٺن شربتن جي هر اضافي 12 اونس مقدار استعمال ڪرڻ سان شگر جو خطرو 25 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو ۽ روزانو هڪ کان وڌيڪ دفعا انهن شربتن جي استعمال سان خطرو وڌيڪ وڌي ٿو. جڏهن ته روزانو 20 گرام کنڊ کائڻ سان ايترو وڏو خطرو ناهي ٿيندو.

محققن ٻڌايو ته هي پهريون مطالعو آهي جنهن کنڊ جي مختلف قسمن ۽ شگر ٽائپ 2 جي خطري جي وچ ۾ تعلق کي واضح ڪيو آهي. انهن چيو آهي ته مٺن شربتن ۽ فروٽ جوس صحت لاءِ نقصانڪار آهن ۽ ميٽابولڪ صحت کي متاثر ڪن ٿا.

هي تحقيق جرنل "ايڊوانسز اينڊ نيوٽرشن” ۾ ڇپي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.