سنڌو درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 7 مسافرن کي بچايو ويو، ٻه گم

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه ۾ ڪوهاٽ ڀرسان ٻيڙي اونڌي ٿي وئي ۽ ٻڏي ويل 7 ڄڻن کي بچايو ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا اڃا گم آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.
ريسڪيو 1122 اختيارين موجب اربع ڏينهن ڪوهاٽ بدران سنڌو درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ان ۾ سوار مسافر ٻڏي ويا، جن مان 7 ڄڻن کي بچايو ويو، جڏهن ته گم ٿي ويل ٻن ڄڻن جي ڳولا جاري آهي.
ريسڪيو ترجمان ٻڌايو ته خوشحال ڳڙهه واري هنڌ ٻيڙي ٻڏڻ جو واقعو پيش آيو، مقامي غوطي خورن جي مدد سان 7 مسافرن کي بچايو ويو، جڏهن ته ٻن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.