اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا پاڪستان جي جونيئر ٽينس پليئر خلاف زهر اوڳاڇڻ لڳي، جونيئر ڊيوس ڪپ ميچ ۾ شڪست کانپوءِ قومي رانديگرن خلاف شروع ڪيل مهم جي حقيقت سامهون اچي وئي آهي.
جونيئر ڊيوس ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ کانپوءِ ڀارتي ميڊيا 15 ورهين جي پاڪستاني پليئر خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي، ڀارتي ميڊيا هڪ اڻپوري وڊيو جي بنياد تي سوشل ميڊيا تي زهر اوڳاڇڻ شروع ڪري ڇڏيو.
ڊيوس ڪپ ۾ ڀارتي حريف هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستاني ٽينس پليئر ميڪائيل بيگ جي ڀارتي رانديگرن سان هٿ ملائڻ واري انداز تي ڀارتي ميڊيا هاءِ گهوڙا ڪرڻ لڳي.
ان سلسلي ۾ پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڪائيل علي بيگ ميچ هارائڻ کانپوءِ پنهنجي ڪارڪردگيءَ مان مايوس هو، ڀارتي ميڊيا ۾ اڌوري وڊيو تي ٻائيتال مچي ويو آهي، جڏهن ته مڪمل وڊيو ۾ کيس ڀارتي رانديگر کي اِهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته” مان توسان نه پاڻ تي ڪاوڙيل آهيان.“
مڪمل وڊيو ۾ پاڪستاني پليئر کي پنهنجي ڪوچ سان ڀاڪر پائي روئندي به ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ميچ کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جي ڪوچن پڻ هڪٻئي سان هٿ ملايو هو.
پي ٽي ايف جي ذريعن موجب، ڀارتي ميڊيا جي هڪ 15 ورهين جي رانديگر خلاف ”هيٽ آف دي موومينٽ“ جي بنياد تي پروپئگينڊا افسوس جوڳي آهي ، جيڪڏهن رانديگر ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي هجي ها ته مٿس آءِ ٽي ايف ڏنڊ مڙهي ها، پر ائين ناهي ٿيو.
You might also like