نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب ٻارن سميت 17 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي شهر حيدرآباد جي هڪ عمارت ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه جو واقعو پيش آيو، عمارت جي گرائونڊ فلور تي جيولري جو اسٽور، جڏهن ته مٿين ماڙن ۾ ماڻهو رهندڙ هئا.
ميڊيا رپورٽن موجب شارٽ سرڪٽ سبب باهه عمارت جي گرائونڊ فلور تي لڳي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي سڄي عمارت ۾ پکڙجي وئي.
باهه لڳڻ سبب 5 سالن کان گهٽ عمر جي 6 ٻارن سميت 17 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
Prev Post
You might also like