”ڪردستان تحريڪ جيان بلوچ هٿياربند تحريڪ کي ختم ٿيندي ڏسي رهيو آهيان“

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته مودي سرڪار کي اهو گمان هو ته پاڪستان ڪمزور آهي پر پاڪ فوج ثابت ڪيو ته دشمن جي تڪبر کي چٿي سگهون ٿا.
ڪوئيٽا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان پاڪستان جو هر اول دستو آهي، جتان سدائين پاڪستان جو آواز بلند ٿيندو رهيو آهي ۽ اڳتي به ٿيندو، ڀارت جڏهن به جارحيت ڪئي ته ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، اسان جي فوج قربانيون ڏئي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو.
هن چيو ته ڪجهه عنصر بلوچ قوم کي هڪ لاحاصل جنگ ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، جيئن ڪردستان جي عليحدگي جي تحريڪ ختم ٿي، مان بلوچستان ۾ به اهڙي نالي ماتر تحريڪ کي ختم ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، بلوچستان جي ماڻهن فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اهي بندوق جي زور تي ڪنهن نظريي کي مڙهجڻ نه ڏيندا.
سندس چوڻ هو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر انهن ماڻهن کي دعوت ٿو ڏيان، جيڪي ڀارت جي چرچ تي بلوچستان ۾ جنگ مڙهڻ چاهين ٿا، اهي ڀارت جو حشر ڏسن ۽ اچن آئين موجب قومي ڌاري ۾ شامل ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.