پاڪستان ۽ ڀارت ٺهي ويا ۽ ٻئي گهڻو خوش آهن: ڊونلڊ ٽرمپ

دوحا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ دشمني ختم ٿي وئي آهي ۽ ٻئي ملڪ آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ ٿيندڙ جنگبندي تي گهڻو خوش آهن.
قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي مقرر فوجين کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان ان جنگبندي تي گهڻو خوش هو ۽ ڀارت به خوش هو، منهنجو خيال آهي ته اهي صحيح رستي تي آهن.
هن چيو ته اسان ان مسئلي کي اهڙي طريقي سان حل ڪيو جو سڀئي خوش ٿي ويا پر مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيان، مون کي لڳي رهيو هو ته اهو معاملو واقعي قابو مان نڪرڻ وارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.