ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ حڪومت تاريخي ورثي واري عمارت "خارس هائوس” جي غيرقانوني ڀڃ ڊاھ جي معاملي تي سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. اها عمارت، جيڪا پلاٽ نمبر FT-4/14، باتھ آئيلينڊ روڊ، ڪلفٽن روڊ، فرئير ٽائون ڪوارٽرز ڪراچي تي واقع هئي، سنڌ جي ثقافت کاتي پاران 8 مارچ 2018 تي باقاعدي طور تي محفوظ ورثو قرار ڏنل هئي. ان عمارت کي تاريخي ۽ تعميري اهميت جي بنياد تي سنڌ ڪلچرلهيريٽيج (تحفظ) ايڪٽ تحت تحفظ حاصل هو. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي هدايت تي ڪمشنر ڪراچي پاران ان واقعي جي جاچ ڪئي وئي، جنهن ۾ سخت بي ضابطگيون ۽ سرڪاري آفيسرن ۽ مالڪ جي وچ ۾ ملي ڀڳت کي ظاهر ڪيو ويو. جاچ رپورٽ مان معلوم ٿيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) قانوني گھرجن کي نظرانداز ڪندي عمارت کي ڊاهڻ جي اجازت ڏني ۽ ڪنهن به مرحلي تي ثقافت کاتي سان مشاورت نه ڪئي وئي. ايس بي سي اي بعد ۾ ان غيرقانوني فيصلي جو دفاع ڪندي هڪ غيرمتعلق عدالتي ڪيس (سوٽ نمبر 666/2024) جو حوالو ڏنو، جيڪو جاچ رپورٽ مطابق مڪمل طور بي بنياد هو. ان کان علاوه، ايس بي سي اي 28 مارچ 2025 تي يعني اجازت جاري ٿيڻ بعد ڪيترن مهينن کانپوءِ، مالڪ کي ثقافت کاتي کان تصديق وٺڻ جو چيو جيڪو صرف رسمي ۽ وقت کان پوءِ وارو قدم ثابت ٿيو. ايس بي سي اي جي ذميوار آفيسرن ۽ عمارت جي مالڪ خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. انهن سفارشات جي روشني ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ حڪم ڏنو آهي ته ايس بي سي اي جي ڊائريڪٽر سائوٿ اشفاق حسين کوکر، ڊپٽي ڊائريڪٽر سائوٿ آغا ڪاشف، ۽ مالڪ ڌمايي ڪوائوجي ڪنجه خلاف فوري طور ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. ساڳئي وقت ڊائريڪٽر سائوٿ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سائوٿ کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. وڌيڪ، ايس بي سي اي جي موجوده ڊائريڪٽر جنرل محمد اسحاق کهڙو کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ۽ ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر هيريٽيج کي معطل ڪري داخلي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. وڏي وزير غيرقانوني مسماري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهڙن واقعن تي سخت ڪارروائي ضروري آهي. هن سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ حڪومت جي عزم کي به ورجايو.