نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارت پاڪستان مان درآمدن تي به پابندي هڻي ڇڏي.
ڀارت جي واپار واري وزارت هڪ نوٽيس جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان مان ٽئين ملڪ ذريعي ڀارت ايندڙ امپورٽس به فوري طور بند ڪيون ويون آهن.
ڀارتي حڪومت طرفان ڀارتي واپاري پاليسي ۾ نئون پيراگراف شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀني پاڪستاني برآمدن تي پابندي هنئي وئي آهي.
ڀارتي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف فارن ٽريڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو قومي سلامتي ۽ عوامي مفادن کي ڏسندي ڪيو ويو آهي.
You might also like