گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومري چيو آهي ته ڪينال واپس ٿيڻ سنڌ جي فتح آهي، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ اڃا جدوجهد ڪرڻي پوندي.
گهوٽڪي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي راشد محمود سومري چيو ته اسان سنڌ ڌرتي کي بنجر ٿيڻ کان بچايو آهي، سنڌ جون زمينون سنڌ جي ملڪيت آهي، ڪنهن جي جاگير ناهي، سنڌ جون زمينون سنڌ جي ماڻهن کانسواءِ ڪنهن کي نه ڏينداسين، سنڌ کي واڳن جي وات مان بچائڻو آهي.
هن چيو ته پ پ وڏيرن، سردارن، ڀوتارن، نوابن ۽ خانن جي جماعت آهي، جنهن ڪري عوام ۾ اعتماد وڃائي چڪي آهي، سنڌ جو عوام پ پ مان بيزار آهي، جي يو آءِ متبادل پارٽي آهي.
You might also like