ڪگيسو ربادا جي ڊوپ ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي، ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي فاسٽ بالر ڪگيسو ربادا جي ڊوپ هاڪاري اچي وئي ۽ کيس معطل ڪيو ويو اهي.
جوهانسبرگ مان جاري ڪيل بيان ۾ 29 ورهين جي ڪگيسو ربادا چيو ته منهنجي قدم سان مداحن کي مايوسي ٿي، جنهن تي شرمندگي آهي.
هن چيو ته هن وقت عارضي پابندي جو شڪار آهيان، جلد ئي ڪرڪيٽ ۾ واپس ايندس.
ڊوپ ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ ڪگيسو ربادا جي ايندڙ مهيني آسٽريليا خلاف ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ شرڪت خطري ۾ پئجي وئي آهي.
رپورٽن موجب ڏکڻ آفريقي فاسٽ بالر جنوري ۽ فيبروري دوران تفريحي طور منشيات جو استعمال ڪيو هو، جڏهن ته کيس مليل سزا جي درست مدي جي تصديق ناهي ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.