اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ – ڀارت جي موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي.
صدر ۽ وزيراعظم ۾ ملاقات ايوان صدر ۾ ٿي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ به موجود هئا.
ملاقات ۾ پهلگام واقعي کي ڏسندي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ڀارتي جارحاڻي رويي ۽ شرپسندي وارن بيانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.
ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪي سلامتي ۽ خود مختياري کي هر قيمت تي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
جاري ڪيل پڌرائيءُ موجب پاڪ فوج ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پاڪستاني قوم متحد ۽ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺي آهي.
پڌرائيءُ ۾ چيو ويو ته ڀارتي رويي سان علائقي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي، پاڪستان علائقائي سلامتي ۽ خود مختياري تي ڪڏهن سوديبازي نه ڪندو.
You might also like