اسلام آباد ۾ طوفاني مِينهن، ڏينهن جو ئي رات جهڙو منظر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گليات ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات موسم خوشگوار ڪري ڇڏي.
اسلام آباد ۾ آسمان تي گهرا ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ ڏينهن رات جو منظر پيش ڪرڻ لڳو، جنهن کانپوءِ طوفاني هوائن سان تيز برسات شروع ٿي وئي.
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات ٿي، جنهن کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.