ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خدا نه ڪري جو ڪڏهن ڪو ايٽمي ٽڪراءُ ٿئي پر پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقت رکن ٿا ۽ جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي آهي ته اهو خطرو سدائين موجود رهندو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو، اسان جي فوج وٽ مڪمل صلاحيت موجود آهي.
هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگون ٿي چڪيون آهن، اسان جي اميد آهي ته هاڻي اهڙو ڪجهه نه ٿئي ۽ هوش کان ڪم ورتو وڃي، عالمي برادري ٻنهي ملڪن سان رابطي ۾ رهي ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اثرائتي مداخلت ڪري.
سندس چوڻ هو ته پهلگام واقعي جي هڪ شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي، اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي، جتي ڀارت ۽ پاڪستان گڏجي ڪم ڪري سگهن، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته معاملو ڪا محدود جهڙپ جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو، جيڪا فضائيا يا ڪنهن ٻئي فوجي شعبي ۾ ٿي سگهي ٿي ۽ اها ڇڪتاڻ مڪمل جنگ جي شڪل به اختيار ڪري سگهي ٿي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻئي ملڪ ايٽمي طاقت رکن ٿا، خدا نه ڪري ته ڪو ايٽمي ٽڪراءُ ٿئي پر جڏهن به ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته اهو خطرو سدائين موجود رهندو آهي.
ڀارت سان ڪنهن قسم جو ٽڪراءُ جوهري جنگ جي شڪل به اختيار ڪري سگهي ٿو: بلاول ڀٽو زرداري
You might also like