اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ هفتي دوران گرمي جو عالمي رڪارڊ ٺهي سگهي ٿو.
آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن هفتي ڏکڻ ايشيا ۾ گرمي 50 ڊگري سينٽي گريڊ جي عالمي رڪارڊ تائين پهچي سگهي ٿي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي وچين ۽ ڏاکڻي علائقن ۾ گرمي پد 50 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان جي شهر نوابشاهه ۾ اپريل 2018ع ۾ پارو 50 ڊگري تائين ويو هو، جيڪو سڄي ايشيا ۾ گرمي جو هڪ رڪارڊ هو.
هوڏانهن موسميات کاتي چيو آهي ته پهرين مئي تي اولهه هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿئين علائقن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جيڪو پنج مئي تائين ملڪ تي اثرانداز رهندو، جنهن سبب مئي جي پهرئين هفتي ۾ برسات جو امڪان آهي.
You might also like