ڪينيڊا ۾ گم ٿيل ڀارتي شاگردياڻي جو لاش هٿ

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ۾ ڪجهه ڏينهن کان گم ڀارتي شاگردياڻي جو سمنڊ ڪناري لاش هٿ آيو آهي، ڀارتي هاءِ ڪميشن لاش ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
پنجاب سان واسطو رکندر ونشيڪا نالي شاگردياڻي ڪجهه ڏينهن اڳ گم ٿي وئي هئي، جڏهن ته سندس لاش هٿ اچڻ کانپوءِ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽن موجب ونشيڪا ڀارتي سياسي جماعت عام آدمي پارٽي جي اڳواڻ جي ڌيءُ هئي ۽ هوءَ اڍائي سال اڳ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪينيڊا وئي هئي.
ونشيڪا 25 اپريل تي گم ٿي وئي ۽ سندس فون به بند هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.