نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر ڪلڪتي جي هڪ هوٽل ۾ باهه لڳڻ سبب 14 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪلڪتي جي رتوراج هوٽل ۾ گذريل رات باهه لڳڻ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
رپورٽ موجب فوتين ۾ ٻه ٻار به شامل آهن، جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، ان حوالي سان جاچ جاري آهي.
You might also like