گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان ۽ ڀارت کي ڇڪتائڻ گهٽائڻ تي زور

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي نائب ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مسئلن جو حل تعميري ڳالهين سان ممڪن آهي.
هڪ بيان ۾ نائب ترجمان چيو ته گڏيل قومون هر ان قدم جي حمايت لاءِ تيار آهن، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائي ۽ ڳالهه ٻولهه کي هٿي ڏئي.
هن چيو ته پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل هر هاڪاري قدم جي حمايت ڪندو، هن ٻنهي ملڪن کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ صبر کان ڪم وٺڻ تي زور ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.