ڪراچي ۾ ڪينال منصوبي خلاف احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي ڪارروائي، مڇريل ماڻهن موبائل کي باهه ڏئي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گلشن حديد لنڪ روڊ تي وڪيلن ۽ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن پاران ڪينالز منصوبي جي خلاف احتجاج جاري آهي، مظاهرو ڪندڙن جو مطالبو آهي ته ڪينالز منصوبي کي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.

مظاهرين لنڪ روڊ تي رڪاوٽون ۽ پٿر رکي رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس جي ريپڊ ريسپانس فورس وڏي انگ ۾ اتي پهچي وئي آهي.

ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي ميڊيا جي اڳواڻي ۾ پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لاٺي چارج ڪري تشدد ڪيو ۽ گرفتاريون به ڪيون.

پوليس گلشن حديد ۾ وڪيل برادري جي لڳل ڪيمپ پٽي وڪيل اڳواڻن تي تشدد ڪري مظاهرو ختم ڪرايو ته وڏي انگ ۾ ماڻهو مظاهري واري هنڌ پهچي ويا.

مڇريل ماڻهن هڪ پوليس موبائل کي ڏنڊا هڻي شيشا ڀڃي ڇڏيا. هجوم کي ڏسي پوليس اهلڪار واپس ڊوڙي گاڏيون ڪاهي موقعي تان فرار ٿي ويا.

احتجاج ڪندڙ ماڻهن هڪ پوليس جي موبائل کي باهه به ڏئي ڇڏي.

پوليس جي پرامن مظاهرين تي اهڙي چڙهائي کانپوءِ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن ۽ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ مختلف قومپرست پارٽين پاران لنڪ روڊ تي احتجاج ڪري وفاق توڙي سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.