هڪ ئي وقت پينشن ۽ پگهار وٺڻ تي پابندي لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت آفيس ميمورنڊم جاري ڪيو آهي ته وفاقي سرڪاري ملازمن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻيهر سرڪاري ملازمت حاصل ڪرڻ تي پينشن يا پگهار مان ڪا هڪ شئي ملندي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل آفيس ميمورنڊم موجب وفاقي حڪومت جي رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي 60 سالن جي عمر کانپوءِ جيڪڏهن ٻيهر ملازمت تي رکيو وڃي ٿو ته اهي اڳوڻي ملازمت جي پينشن يا موجوده ملازمت جي پگهار مان ڪنهن هڪ جا حقدار هوندا.
ناڻي واري وزارت پي اينڊ پينشن ڪميشن 2020 جي سفارشن جي روشني ۾ حڪم جاري ڪيا آهن، جنهن تحت ريگولر يا ڪانٽريڪٽ ري ايمپلائمينٽ يا مقرري جي صورت ۾ پگهار يا پينشن مان ڪا هڪ شئي ملندي.
ناڻي واري وزارت موجب پينشنر کي پينشن يا پگهار مان ڪا هڪ شئي حاصل ڪرڻ جو آپشن ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.