واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته چين سان ٽيرف معاهدو تمام جلد ممڪن آهي ۽ ان تي لاڳو ٽيرف کي به گهٽائي سگهجي ٿو.
وائيٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته چين تي لاڳو 145 سيڪڙو درآمدي ٽيرف کي گهٽ ڪيو ويندو پر هن اهو واضح نه ڪيو ته ڪيتري گهٽتائي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته ڊيلنگ تمام سٺي ڪنداسين، چين کي معاهدو ڪرڻو ئي پوندو، چين معاهدو نه ڪيو ته اسان ڊيل طئي ڪنداسين.
واضح رهي ته آمريڪا چيني شين تي 145 سيڪڙو تائين ٽيرف لاڳو ڪيو آهي، جڏهن ته چين جواب ۾ آمريڪي شين تي 125 سيڪڙو ٽيرف لڳايو آهي.
You might also like