ٻٻرلوءِ (ويب ڊيسڪ) ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ ن ليگ صدر بشير ميمڻ کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته ڪينال رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين نه اٿنداسين.
ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ قيادت جي هدايتن تي ٻٻرلوءِ ۾ وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ڌرڻو ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
عامر نواز وڙائچ ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسان جو هي ڌرڻو نوٽيفڪيشن سان مشروط آهي، ڪينالن جو منصوبو واپس ٿيڻ ۽ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم پاڻ سکر اچي يا سندس وفد اچي ڳالهيون ڪري.
ڪينال رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين نه اُٿنداسين: عامر نواز جو بشير ميمڻ کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان جواب
Prev Post
You might also like