استنبول (ويب ڊيسڪ) ترڪيه ۾ 6.2 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيه ۾ 6.2 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته يونان، بلغاريا ۽ رومانيا ۾ به زلزلي جا لوڏا آيا.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز استنبول کان 73 ملو ميٽر پري هو ۽ ان جي اونهائي 10 ڪلو ميٽر هئي.
زلزلي جي لوڏن سبب عوام ۾ خوف هراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن مان نڪري آيا، جڏهن ته جاني نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو.
You might also like