وڪيلن کي سلام پيش ڪيان ٿو، پاڻي نه ڏنو ويو ته بندرگاهه به بند ڪنداسين: جونيئر ذوالفقار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهيد مير مرتضيٰ جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته سڄو درياهه اسان جو آهي ۽ ان تي پهريون حق به اسان جو ئي آهي، 6 ڪينال ته ڇا پر اسان هڪ ڪينال ۽ هڪ ڦڙو پاڻي به نه ڏينداسين.
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر شاگردن طرفان ڪراچي ۾ ٽي تلوار کان ڦوهارا چوڪ تائين نڪتل احتجاجي مارچ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڻي اسان جو جياپو آهي، مان 6 مهينا اڳ چيو هو ته هي منصوبو وفاق لاءِ خطرناڪ آهي.
هن چيو سنڌ کي پاڻي نه ملندو ته اسان مري وينداسين، وڪيل به اهو ئي چئي رهيا آهن، وڪيلن کي سلام پيش ڪيان ٿو، پاڻي نه ڏنو ويو ته اسان بندرگاهه بند ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.