”معدنيات بل نامنظور“ايس آءِ ايف سي ون يونٽ جو اشارو آهي:ايمل ولي

اسلام آباد(م ڊ) اي اين پي جي صدر ايمل ولي خان چيو آهي ته مصدق ملڪ مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ پڙهيو آهي؟ عمران رجيم سليڪٽڊ هو ته موجوده دور سليڪٽڊ پلس رجيم آهي،وفاقي وزير کي پنهنجياختيارن جي خبر ناهي،ڊان نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته انگريز جي دور ۾ اسان جدوجهد ڪئي ته ان جو سبب وسيلن تي اختيار هو،ان ڪري اسان انگريزن خلاف جدوجهد ڪئي،اسان جا هزارين لکين ماڻهو شهيد ٿيا،پاڪستان ٺهڻ بعد باچا خان اسيمبلي فلور تي چيو ته اسان پاڪستان سان گڏجڻ لاءِ تيار آهيون پر صوبائي خودمختياري ضروري آهي،منهنجي قوم جو پنهنجي وسيلن تي اختيار هو، هن چيو ته اختيار پنجاب کي ڏيڻ جي ڪري اسان اڌ پاڪستان وڃائي ڇڏيو،1973ع جي آئين ۾ واضح آهي ته جيڪا معدنيات سمنڊ ۾ آهي اها وفاق جي ملڪيت آهي باقي جيڪا صوبن ۾ آهي اها صوبن جي ملڪيت آهي،پاڪستان کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ اسان10 سالن لاءِ ڪنڪرنٽ لسٽ تسليم ڪئي،10 سالن بعد ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي، 27 سالن کانپوءِ ارڙهين ترميم آندي وئي،هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي صدارت ڀلي وزيراعظم ڪري پر جڏهن آرمي چيف اتي ويهي ته سڀني کي خبر آهي ته وزيراعظم جي ڇا حيثيت هوندي،ايس آءِ ايف سي ۾ وزيراعظم جي حيثيت ايتري ئي آهي جيتري پي ٽي آءِ ۾ بئريسٽر گوهر جي آهي، ايس آءِ ايف سي معاشي طور تي ون يونٽ جا اشارا ڏئي رهيو آهي،هن چيو ته سوال اهو آهي ته اهو ايڪٽ ڪنهن ڊرافٽ ڪيو آهي؟ ان جي ضرورت ڇو پيش آئي؟اهڙي ڪهڙي سوديبازي ٿي آهي جو هر صوبي ۾ هڪ ئي ڊرافٽ ويو آهي؟ ان ۾ اهڙو ڇا آهي جو پي ٽي آءِ،ن ليگ ۽ فوج هڪ آهن،هن چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ اسان تي ڌماڪا ڪيا ويا،اسان جو رستو روڪڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ،پي ٽي آءِ،ن ليگ هڪ صفحي تي آهن،هن چيو ته معدنيات بل وارو قانون اسان مڃڻ لاءِ تيار ناهيون،اهو واپس وٺڻو پوندو،هن چيو ته توهان ۽ اسان لاءِ ڌماڪا آهن،باجوڙ ۾ ”انهن“ لاءِ 900 فٽ اسڪوائر گز جو چلغوزي جا باغ آهن،پارا چنار ۾ هاڻي خبر پئي آهي ته اتان ليٿيم نڪري رهيو آهي ان ڪري ماڻهن کي اتان ڪڍڻ لاءِ ويڙهه ڪرائي پئي وڃي،اسان جي پاڻي،ٻيلن،بجلي،وسيلن تي ڪنهن جو قبضو آهي؟ اليڪشن ۾ اسان جيڪڏهن پٽيل پارٽي آهيون ته وچ ۾ وردي وارن کي ته نه آڻيو،اسان کان جڏهن به اليڪشن کٽي وئي آهي اها وردي ذريعي کٽي وئي آهي،هن چيو ته اسان 45 ڏينهن تائين آگاهي مهم هلائينداسين ان بعد وليج ڪائونسل،تعلقي سطح ۽ ضلعي سطح تي احتجاج ڪنداسين اهو ٺيڪ نه ٿيو ته پوءِ پشاور جو رخ ڪنداسين،اسلام آباد جو رخ ڪنداسين،ارڙهين ترميم تي عمل نه ٿيو ته پوءِ اسان کي آزادي ڏيڻي پوندي

وفاق ڪنهن جي وسيلن تي قبضو پيو ڪري؟ مصدق ملڪ

اسلام آباد(م ڊ)وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ريڪوڊڪ ۾ وڏو حصو بلوچستان جو آهي،ايمل ولي ٻڌائي ته ڪهڙي ڊرامي ذريعي وفاق وسيلن تي قبضو پيو ڪري؟ڊرامي جا ڪردار ۽ ان جي ٿيم به ٻڌائي وڃي،ڊان نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته مائنز اينڊ منرلز ۾ سيڙپڪارن لاءِ طريقيڪار سمورن صوبن جي مشاورت سان بڻايو ويو،هڪ هڪ صوبي سان ڇهن ڇهن مهينن تائين صلاح مشورا ڪيا ويا،سمورن صوبن جي معدني وسيلن جو اختيار صوبن وٽ آهي،معدنيات ۾ سيڙپڪاري چاهيون ٿا،هن چيو ته صوبن کي مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ تي اعتراض آهي ته خدشا ختم ڪنداسين،صوبن کان ڪا به کاڻ کسي ناهي وئي،هن چيو ته ماحول جي بهتري لاءِ سڄي دنيا ۾ ريگستانن کي سرسبز ڪيو پيو وڃي،ريگستان کي آباد ڪرڻ ماحوليات لاءِ بهتر آهي،دنيا به مدد لاءِ تيار آهي،هن چيو ته پاڻي تي ٽيلي ميٽري سسٽم لڳڻ سان هڪ هڪ ڦڙي جو حساب سامهون اچي ويندو،پاڻي جي ورڇ جي مسئلي تي اسان سنڌ کي گڏ کڻي هلنداسين،هن چيو ته سنڌ،بلوچستان ۽ ڪي پي وانگر پنجاب به واهه ڪڍڻ چاهي ٿو

ڪي پي حڪومت کي معدنيات بل روڪڻ جي هدايت

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته عمران خان ڪنهن به قسم جي ڊيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي۽ چيو ته ڪنهن کي ڳالهين جو اختيار ناهي ڏنو. هن ٻڌايو ته عمران خان کي گهرڀاتين سان ملاقات جي اجازت نه ملي، جيڪا عدالت جي توهين آهي، ان تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي ويندي. عمران خان دهشتگردي جي واقعن تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. عمران خان پي ٽي آءِ اڳواڻن کي هڪ ٻئي خلاف بيان بازي کان به روڪي ڇڏيو ۽ معدني وسيلن واري ايڪٽ تي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو.  عمران خان ڪي پي حڪومت کي هدايت ڪئي ته مائنز ۽ منرلز بل کي روڪيو وڃي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيستائين وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ سياسي ڪميٽي ملاقات نٿا ڪن ان وقت تائين بل کي پراسيس نه ڪيو وڃي.

معدنيات بل جي مخالفت،پ پ ڪي پي پاران تحريڪ جو اعلان

پشاور (م ڊ) پيپلزپارٽي پاران  علي امين گنڊاپور کان استعفيٰ جو مطالبو. ڪي پي اسيمبلي جي پارلياماني ليڊر احمد ڪنڊي  خيبرپختونخوا بچايو تحريڪ جو اعلان ڪندي چيوآهي ته مائنز منرلز بل منظور ٿيو ته  پنجويهه ارب تائين پهچائي ڇڏينداسين. ڪي پي اسيمبلي جي اپوزيشن چيمبر ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي اپوزيشن ليڊر احمد ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي ۾ اهڙي قانون سازي ڪئي پئي وڃي جنهن تي ايوان اندر ۽ ٻاهر ڳاله ٻولهه  ڪندا رهندا آهيون.اسان خيبر پختونخوا بچايو تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون  ۽ وزيراعليٰ کان مستعفيٰ ٿيڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.

خيبرپختونخوا حڪومت پاران معدنيات بل تي وائيٽ پيپر جاري

پشاور (م ڊ) ڪي پي حڪومت پاران مجوزه مائنز اينڊ منرلز بل 2025 تي وائٽ پيپر جاري. وائيٽ پيپر مطابق معدنيات جي قانونن کي  ٻين صوبن ۽ وفاق سان هم آهنگ بڻايو ويندو. پرڏيهي ۽ ملڪي سطح تي  وڏي پيماني تي سيڙپڪاري کي فروغ ڏنو ويندو. ڪي پي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور چيو آهي ته مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ ۾ مجوزه ترميم بابت غلط فهمي  پکيڙي پئي وڃي. ترميم ۾ صوبائي حڪومت جو ڪوئي به اختيار ڪنهن ئي ناهي ڏنو ويو. لڳي ٿو ڪا مافيا  آهي جيڪا سڌارن جي مخالفت ڪري رهي آهي.

سي پيڪ،ريڪوڊڪ،سينڊڪ بلوچن لاءِ ناهن:اسد بلوچ

ڪوئيٽا(م ڊ)بي اين پي عوامي جي ايم پي اي اسد بلوچ بلوچستان اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته 1947ع ۾ بلوچستان هن ملڪ جو حصو نه هو،48ع ۾ قلات تي فوج ڪشي ڪئي وئي،بلوچستان کي مقبوضه بڻايو ويو،جنرلٽڪا بلوچستان تي بمباري ڪئي، مشرف ظلم ڪيو،ايپڪس ڪميٽي جو آئين ۾ ته ذڪر ناهي،هن چيو ته ڪيترن ماڻهن کي ماريندو؟ايندڙ وقت ۾ نئين سماجي معاهدي جي ضرورت پوندي،فوج کي قومي فوج بڻايو وڃي،8 لک جي فوج کي گهٽايو،سينيٽ کي مالي اختيار ڏنا وڃن،هر صوبي جو وزيراعظم هئڻ گهرجي،بلوچستان ۾ آپريشن جي مخالف ڪريان ٿو، توهان 2 لک ماڻهو ماريندا ته 10 لک ماڻهو ٻاهر نڪرندا، هن چيو ته سرڪاري ڌر ايوب اسٽيڊيم ۾ جلسي جو اعلان ڪري ٻئي پاسي ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ به جلسي جو اعلان ڪري ته ماڻهو گهڻا ڪنهن طرف ويندا؟اها سڀني کي خبر آهي،ملڪ هلائڻو آهي ته بلوچستان جي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو،منهنجي تڪ ۾ هڪ رپيو به ناهي ڏنو ويو،اها ڪٿان جي جمهوريت آهي؟گذريل ڀيري جڏهن وڏي وزير سان ڳالهايم ته هن چيو ته توهان جا فنڊ ته سيڪٽر ڪمانڊر روڪيا آهن،سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن فنڊ ڇو روڪيا آهن؟ ان فنڊ روڪڻ سان ٽي لک عوام ۾ نفرتون پيا پيدا ڪريو،مان فنڊ لاءِ خيرات نه گهرندس،هن چيو ته نوجوان مرڻ لاءِ تيار آهن،توهان ڪيترا ماڻهو ماريندا،هر جبل،بازار،گهٽي مان نوجوان نڪرندا ته بلوچستان کي انصاف ڏيو،هن چيو ته سي پيڪ،ريڪوڊڪ،سينڊڪ بلوچن لاءِ ناهن،هن چيو ته ڊيرا بگٽي ۾ 40 ارب رپيا ويا آهن اهي پڪوڙا آهن،ريوڙيون آهن ڇا آهن؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.