لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو پنهنجي ادائن تي غور ڪري ۽ ڳالهين ذريعي مسئل جو حل ڪڍي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته مان ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪريون، پر خبر ناهي سنڌ کي ڪهڙي تڪليف آهي؟
هن وڌيڪ چيو ته منهنجي هڪ اڌ جملي سان به سنڌ حڪومت کي تڪليف ٿئي ٿي، هو پاڻ پنهنجي ادائن تي غور ڪري.
You might also like