پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جي ذهني حالت ٺيڪ ناهي، ڇو ته ڪئنالن جي منظوري پاڻ ڏني ۽ هاڻي مخالفت ڪري رهيو آهي.
ڪئنالن واري معاملي تي جاري ڪيل بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته صدر زرداري يا ته سنڌ جي عوام جي پٺي ۾ خنجر هنيو آهي يا وري سندس يادداشت ڪمزور ٿي وئي آهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي ٻنهي ڳالهين مان هڪ مڃي، ڇو ته گڏ ترديد ممڪن نه آهي.
هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن آصف زرداري جي ذهني حالت ٺيڪ ناهي ته پوءِ هو ملڪ جي اعليٰ ترين عهدي تي ڇو ويٺو آهي؟ کيس فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ڇو ته سندس جسماني ۽ ذهني حالت اهڙي ذميواري لاءِ موزون ناهي.
بئريسٽر سيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽي رڳو ووٽ بچائڻ لاءِ احتجاج جو ڍونگ رچائي رهي آهي، جڏهن ته ڪئنالن جي منظوري زرداري پاڻ ڏني.
هن چيو ته زرداري جي منظوري ۽ بلاول ڀٽو جي مخالفت سمجهه کان ٻاهر آهي.
ترجمان دعويٰ ڪئي ته ڪئنالن وارو معاملو سڀ کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اُٿاريو هو، بلاول ڀٽو کي گهرجي ته احتجاج ڪرڻ بدران پنهنجي پيءُ کان پڇاڻو پڇي ته ڪئنالن جي منظوري ڇو ڏني؟ .
You might also like