سنڌ: سوشل ميڊيا جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ خاص يونٽ قائم

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 32 هين ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ خصوصي يونٽ جي قيام جو اعلان ڪيو،  هن تشدد پسندي خلاف امتيازي مرڪز "سينٽر فار اڪسلينس آن ڪائونٽرنگ وائلنٽ ايڪسٽريمزم” قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو جنهن جو مقصد تشدد پسندي خلافحڪمت عمليون تي ڌيان ڏيڻ هوندو. هن ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشنن جي رٿابندي لاءِ پنجاب ۽ بلوچستان سان هم آهنگي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو، هن چيو ته صوبي ۾ رهندڙ غير قانوني شھرين کي وفاقي حڪومت جي پاليسي مطابق واپس موڪليو پيو وڃي، وڏي وزير جو شھر ۾ ٿيندڙ روڊ حادثن ۽ ٽينڪرن ۽ ڊمپرن کي باھ ڏيڻ جي واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، هن ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڊمپرز ۽ ٽرڪن خلاف پوليس کي سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڏني، ان کان علاوه هن ٽينڪرن کي باھ ڏيڻ جي ذميدارن کي گرفتار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڏني،  وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ ۽ ضياءالحسن لنجار، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليڊٽيننٽ جنرل محمد اويس دستگير، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد شمريز، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ايڊيشنل آءِ جي پوليس ڪراچي، ايف آءِ اي، ڪسٽمز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.