اسلام آباد (م ڊ) مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي ملڪ جي حڪومت عجيب آهي، ڦاٽل قميص جيان آهي، پي ڊي ايم حڪومت ڪري رهي آهي ۽ صدر اپوزيشن ۾ آهي. صدر جي مڃڻ بدران خبر ناهي ڪنهن جي مڃي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ قومي فلسطين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مسلمانن لاءِ ضروري آهي ته اهي غزه ۽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪن. جيڪڏهن پاڪستان فلسطين لاءِ جنگ نه ٿو وڙهي، ته اهو پاڪستان جي قيام جي مقصد جي ابتڙ آهي.