ڪئنال رد نه ٿيا ته پنجاب جو بارڊر ۽ ريلوي ٽريڪ بند ڪنداسين:وڪيلن جي ڪانفرنس

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ جي وڪيلن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ شاگردن، سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، 26 هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ کي رد ڪيو آهي ۽ 12 اپريل تي ڪراچي ۾ ڪنوينشن ڪوٺائڻ، ڪينالن جو منصوبو رد نه ٿيڻ جي صورت ۾ پنجاب جون سرحدون ۽ ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياهه تيڪينال يا ڊيم ٺاهڻ بند ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ وارو منصوبو ختم ڪري پيڪا ايڪٽ ۽ 26 هين آئيني ترميم جهڙن ڪارن قانونن کي واپس ورتو وڃي. ڪالهه حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ٽيم عاصمه جهانگير سنڌ طرفان سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، 26 هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ جهڙن مسئلن بابت سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ “وڪيلن جي ڪانفرنس” ڪوٺائي وئي. ڪانفرنس ۾ بار ايسوسيئيشن جي نمائندن، وڪيلن، صحافين، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر اشعر مجيد کوکر چيو ته سنڌ جا ماڻهو پيڪا ايڪٽ، گرين انيشيٽو پاڪستان ۽ سنڌو درياهه تي ڪينالن ٺاھڻ  وارن منصوبن کي رد ڪري چڪا آهن، اسان ڪڏهن به ڪينال ٺاهڻ نه ڏينداسين، اسان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان گڏ آھيون، سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي، ان تي ڪنهن کي قبضو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پاڻي خاطر ھر محاذ تي مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي ۾ 12 اپريل تي پنهنجو فيصلو ڏينداسين ۽ ان بعد دمادم مست قلندر ٿيندو. ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر وڙائچ چيو ته اسان ڪينالن خلاف هر محاذ تي ويڙهه ڪئي آهي، پر حڪومت اڃا نٿي مڃي، اسان اھو ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته ڪينال اسان جي لاشن مٿان ٺھندا.   هن چيو ته اسان ڪراچي واري ڪنوينشن ۾ اھو واضح ڪنداسين ته جيڪڏهن ڪينالن وارو منصوبو رد نه ڪيو ويو ته سنڌ-پنجاب جا بارڊر ۽ ريلوي ٽريڪ بند ڪنداسين، اسان لاڳاپيل ادارن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته پاڻي واري معاملي تان نه ھٽنداسين. هن چيو ته کيس چيو ويو ته توهان پاڻي واري معاملي تان هٽي وڃو، پر اسين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو، توھان ريگستان ۾ پاڻي زيان ڪري رھيا آهيو، ڪينال ٺھڻ سان پنجاب جي زمينن کي به نقصان ٿيندو، عوام جو معاشي قتل ٿيندو. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي نه ھوندو ته فصل نه ٿيندا ۽ سنڌ جا ماڻهو بک مري ويندا. سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ اشرف سمون چيو ته سنڌ جي ماڻھن سان وڪيل برادري گڏ آھي، سنڌ جي مسڪين ماڻهن سان مسلسل ناانصافي ٿي رهي آهي. هن چيو ته پيڪا ايڪٽ آڻي ماڻھن جي زبان بند ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آهي، اهو رڳو اسان وڪيلن جو مسئلو ناهي، پر اهو سنڌ جي ٻچي ٻچي جو مسئلو آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڪينال ٺاهڻ نه ڏينداسين. ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي چيو ته ھي حڪومت عوام خلاف فيصلا ڪري رھي آهي، درياهه اسان جو اھم مسئلو آهي، اسان لاءِ پھريان سنڌ ڌرتي آهي، پاڻي تي سودو ڪندڙ ڦورو آهن، جيڪي سنڌ جون زمينون پڻ کائي ويا، آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، ملڪ تي اسٽيبليشمينٽ قابض آهي، هتي اصول واري سياست ناھي، درياهه خاطر وڙھڻ لاءِ تيار آھيون. حيدرآباد جي سينيئر وڪيل ڪي بي لغاري چيو ته وفاق سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ جي سازش ڪري رھيوآهي،. هن چيو ته عاصمه جھانگير هڪ عظيم اڳواڻ ھئي، هن سدائين حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته سنڌ جا اھي ماڻهو اڃا جيئرا آهن، جيڪي ڪينالن کي روڪرائيندا، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته موجوده حڪمرانن سنڌ تباھه ڪري ڇڏي آهي، سنڌ ۾ بشير خان قريشي يا عبدالواحد آريسر ڪونھي پر اسان سنڌ جي ھر مسئلي تي وڙھنداسين. هن چيو ته وفاق کي اھا ڀُل آهي ته جيڪو چاهيندا ڪري وٺندا، اسين ڪڏهن به ڪو ڪينال ٺاهڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري جيوت مري پئي، اسان سنڌو درياهه کي بچائڻ چاهيون ٿا، اسان ڊيلٽا کي بچائڻ چاھيون ٿا. ايڊووڪيٽ عشرت لوھار چيو ته سنڌ کي اڳ ۾ به پاڻي گھٽ ملندو رهيو آهي ۽ هاڻ به گھٽ ملي رھيو آهي، سڄي سنڌ سُڪي رھي آهي، وڌيڪ ڪينال ٺاهڻ واري منصوبي کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، سنڌوءَ تي ڪينال ته ڇا پر اسين سنڌ جي پاڻي جو ھڪ ڦڙو به نه  ڏينداسين ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنھور چيو ته هو سمجهن ٿا ته عامر وڙائچ تي حملي ڪرڻ سان ڊڄي وينداسين ۽ ڪينالن خلاف مزاحمت نه ڪنداسين، پر اسان توهان کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته ڪينال اسان جي لاشن مٿان ٺھندا. ايڊووڪيٽ عامر خان چيو ته سنڌو درياهه يا سنڌ ڪنهن جي جاگير ناھي، سنڌ جي وسيلن تي قبضا ٿي رهيا آهن، ڪارونجھر ۽ زمينن تي قبضي ٿي ويا، وڏيون ناانصافيون ٿيون آهن، پر هاڻي سنڌ سجاڳ ٿي چڪي آهي. ايڊووڪيٽ نويد جروار چيو ته 90ع ۾ جڏهن ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ٿيو هو ته عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو لانگ مارچ ڪيو، لانگ مارچ تي ڀٽ شاھه وٽ حملو ڪري لاٺي چارج ڪئي وئي، نياڻين سميت ڪارڪن سخت زخمي ٿيا ھئا. ڄامشورو بار جي صدر ايڊووڪيٽ فھيم احمد، ايڊووڪيٽ قاضي مھيسر، ذوالفقار ٿيٻو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.