اسلام آباد (منصورعلي خان) عليمه خان پاران دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه وٽ عمران خان سان ملاقات بابت درخواست ڏنل هئي، ان تي جج صاحب آرڊر ڏنو هيو ته سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل عمران خان سان عليمه خان جي ملاقات ڪرائي ان سان گڏ عمر ايوب سميت ٻيا اڳواڻ ملاقات لاءِ پهتل هئا پر ڪنهن کي به ملاقات ڪرڻ نه ڏني وئي. اسٽبلشمنٽ سان رابطي جي حامي اڳواڻن کي عمران خان تائين رسائي ڏني وئي آهي جن اڳواڻن يا عزيزن لاءِ تاثر آهي ته اهي ڳالهيون ٿيڻ نه ٿا ڏين تن جي ملاقات تي پابندي رکي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سان ويجهن اڳواڻن مطابق سلمان اڪرم راجا ۽ عليمه خان جي ڪري ڳالهين ۾ ڪا اڳڀرائي نه پئي ٿي. اسٽيبلشمينٽ سان رابطي واري گروپ جي ڪوشش هئي ته عليمه خان سميت اهڙن اڳواڻن جي ملاقات عمران خان سان نه ٿئي. انهن ملاقات نه ٿيڻ جي ڪري پي ٽي آءِ ۾ اڳواڻن ۾ جهيڙا وڌي رهيا آهن ۽ ڪو به احتجاج پلان نه ٿي رهيو آهي. ڪو ڌرڻو ۽ ريلي به نه پلان ٿي رهي آهي. ڪي پي ۾ پارٽي اڳواڻ ۽ حڪومتي اڳواڻ الڳ الڳ رخ ۾ وڃي رهيا آهن جنيد اڪبر هڪ پاسي وڃي رهيو آهي ته علي امين گنڊاپور ٻئي موقف جو حامي آهي. خبرون آهن ته مائنز منرلز بل تي علي امين ۽ عاطف خان ۾ جهڙپ ٿي آهي. واٽس ايپ گروپ م ٺيڪ ٺاڪ جهڙپ ٿي آهي. عاطف خان بل جي مخالفت ڪرڻ جو چيو آهي جڏهن ته گنڊاپور کيس چيو ته تو بل پڙهيو آهي؟