نواز شريف ماهه رنگ بلوچ جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪاري

لاهور (معظم فخر) نواز شريف سياسي ميدان ۾ واپس آيو آهي ۽ سياسي جلسن جلوسن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ سرگرم آهي. جاتي عمرا ۾ مالڪ بلوچ پاران نوازشريف سان ملاقات ڪئي وئي، جنهن دوران مالڪ بلوچ نواز شريف کان بلوچستان لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي. مالڪ بلوچ نواز شريف کي اختر مينگل سان رابطو ڪرڻ ۽ احتجاج کي ملتوي ڪرڻ لاءِ چوڻ جي درخواست ڪئي. نواز شريف صرف پنجاب تائين محدود رهندي مريم نواز کي پاليسي گائيڊ لائينز ڏيڻ تائين پاڻ کي محدود رکيو هو، پر تازو سياسي حالتن، پرڏيهي وفدن جي پاڪستان اچڻ، اسٽبلشمنٽ سان رابطن ۽ عمران خان تائينرسائي جي ڪوشش سبب نوازشريف کي سياسي طور سرگرم ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو. عبدالمالڪ بلوچ ٻه اهم مطالبا رکيا: هڪ، اختر مينگل سان رابطو ڪرڻ ۽ ان جي مطالبن تي ڳالهائڻ؛ ٻيو، ماهرنگ بلوچ جي آزادي لاءِ نواز شريف کان مدد جي درخواست ڪئي. نواز شريف پاران اختر مينگل سان رابطو ڪرڻ بابت خاطري ڏني وئي آهي، جڏهن ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪرڻ بابت به خاطري ڪرائي وئي. پر ماهرنگ بلوچ جي آزادي بابت نوازشريف خاموش رهيو. سندس خاموشي جو مطلب اهو ٿي سگهي ٿو ته رياستي ادارن وٽ ماهرنگ بلوچ بابت هڪ مضبوط موقف آهي ۽ ادارا ان بابت ڪنهن به رعايت لاءِ تيار ناهن. نواز شريف جي خاموشي سان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ماهرنگ بلوچ جي آزادي بابت رياستي ادارن جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي جو امڪان ناهي. اختر مينگل جو 13 ڏينهن جو ڌرڻو جاري رهيو، جنهن ۾ سندس مطالبو اهو آهي ته ماهرنگ بلوچ ۽ ٻين گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو وڃي. امڪان آهي ته نواز شريف پهريون ڀيرو بلوچستان جو دورو ڪري، جتي هن جا اهم سياسي فيصلا ٿيندا.

نوٽ: هي  تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 11 اپريل 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.